Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:7 - Muslim Sindhi Bible

7 بيشڪ هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ آهي. هائو، سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ هن منهنجي جان کي قبر ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، سو آءٌ هن روشن دنيا جو لطف وٺڻ لاءِ جيئرو رهندس.‘


انهيءَ لاءِ تہ ان جي جان کي قبر کان موٽائي آڻي، ۽ کيس جيئرن جي روشن دنيا جي خوشين سان ڀري ڇڏي.


انهيءَ سبب جو تو منهنجي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي، هائو، تو مون کي موت کان ڇڏايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ جيئرن جي روشن دنيا ۾ هلان.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


مرڪندڙ چهرو دل خوش ڪريو ڇڏي، ۽ خوشخبري چهري ۾ تازگي آڻيو ڇڏي.


خداوند سڀني کي زندگي عطا ڪري ٿو، انهيءَ ڳالهہ ۾ مظلوم ۽ ظالم ماڻهو هڪجهڙا آهن.


انهن ڏينهن ۾ اوهان لاءِ سج جي روشني ويندي رهندي ۽ چنڊ تارا اونداها ٿي ويندا ۽ اونداها ڪڪر اوهان مٿان بار بار لنگھندا.


بيشڪ هو زندگيءَ جي تجربن مان نہ ٿو گذري، نڪي هو زندگيءَ بابت ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن هوندي بہ هن جي حالت ڪنهن دولتمند جي زندگيءَ کان وڌيڪ آرام واري آهي.


ڏاهپ ايڏي تہ چڱي آهي، جيڏو اهو قيمتي خزانو، جيڪو ابا ڏاڏا ورثي ۾ ڇڏي ويا هجن. اها هن ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هميشہ لاءِ فائدو رسائي ٿي.


تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ