Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:6 - Muslim Sindhi Bible

6 صبح توڙي شام پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج پوکيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي ڪهڙي خبر تہ انهن مان ڪهڙو داڻو ڦٽي نڪرندو، ڪجھہ داڻا يا سمورو ٻج ڦٽي نڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ آهي. هائو، سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي.


انهن سڀني ڳالهين بابت مون گھڻو سوچ ويچار ڪيو. تڏهن مون کي سمجھہ ۾ آيو تہ سڀيئي ڪم خدا جي مرضيءَ سان ٿين ٿا. توڙي جو ڏاها هجن يا نيڪوڪار کين خبر ئي ڪانهي تہ انهن ڪمن جو نتيجو ڇا نڪرندو. ايتري قدر جو انسان پنهنجي بُري يا ڀلي جو نتيجو بہ نہ ٿو ڄاڻي، جيتوڻيڪ سڀ ڪجھہ سندس اڳيان ٿي رهيو هجي.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


جهڙيءَ طرح آسمان مان مينهن وسي ٿو، ۽ ڳڙو پوي ٿو، ۽ اهي وري اوڏانهن موٽي نہ ٿا وڃن، بلڪ زمين کي ريج ٿا ڏين، ۽ انهيءَ ۾ ساوڪ ۽ فصل پيدا ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، انهيءَ لاءِ تہ پوکڻ لاءِ ٻج ۽ کائڻ لاءِ کاڌو ملي،


مون کين چيو تہ ’اوهان جي سوچ جيڪا غير آباد ٻنيءَ مثل آهي، تنهن کي اوهين هر ڏيئي کيڙيو، اوهين انهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو ۽ وفاداري لڻو. اهڙيءَ طرح اوهين مون خدا جا طالبو ٿيو، تہ پوءِ آءٌ اچي اوهان تي حق سچ جي برسات وسائيندس.‘


ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ