Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن تہ ڪو ماڻهو اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ ڄمڻ کان اڳ ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ڪيئن ٿو ساهہ کڻي، تڏهن هر شيءِ جي خلقيندڙ خدا جي ڪمن کي ڪو ڪيئن ٿو سمجھي سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيئن توکي اها خبر ڪانهي تہ واءُ جو رخ ڪهڙو آهي، ۽ نہ اها تہ پيٽ واري زال جي پيٽ ۾ هڏا ڪيئن ٿا وڌن: تيئن توکي خدا جي ڪم جي بہ خبر ڪانهي، جو سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.


جڏهن مون ڌرتيءَ جا بنياد وڌا هئا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جيڪڏهن تون موجود هئين تہ مون کي انهيءَ ڳجھہ بابت ڪجھہ ٻڌاءِ.


بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.


اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي.


اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.


اي خداوند! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ عظيم آهن! ۽ تنهنجا خيال انساني سوچ کان ڪيڏا نہ بلند آهن!


منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچ‌جوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي.


هوا ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿي، ۽ چڪر ڏيئي وري اتر ڏانهن ڦري ٿي، ۽ پوءِ موٽي اتي اچي ٿي جتان شروع ٿي. هائو، هوا سدائين چڪر هڻندي ٿي رهي.


جيڪو ماڻهو هوا ۽ موسم جي صحيح وقت جو انتظار ڪندو رهي ٿو، سو بہ ڪڏهن ڪڏهن نڪي ڪجھہ پوکي سگھي ٿو، ۽ نہ وري ڪجھہ لڻي سگھي ٿو.


آءٌ انهيءَ بار کي ڄاڻان ٿو، جيڪو خدا بني آدم جي مٿان رکيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي ڪم ڪار ۾ رُڌل رهن.


خدا دنيا کي ائين پيدا ڪيو آهي جو هر شيءِ پنهنجي مناسب وقت تي پوري ٿئي ٿي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن اسان انسانن جي دلين ۾ اصل مقصد جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش پڻ پيدا ڪئي آهي. پر ان جي باوجود اسين سندس ڪمن جي جاچ شروع کان آخر تائين ڪري نہ ٿا سگھون.


زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ تمام مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. ڪير آهي جيڪو انهيءَ حقيقت کي سمجھي سگھي؟


هائو، مون خدا جي سڀني ڪمن کي پرکيو. پوءِ مون مڃيو تہ انسان ڪيڏي بہ ڪوشش ڪري پر هو اصل حقيقت معلوم ڪري نہ ٿو سگھي تہ هن دنيا ۾ ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏاها ماڻهو بہ جيڪي سمجھڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اهي بہ نہ ٿا سمجھي سگھن.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو يا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ خداوند ئي هميشہ قائم رهندڙ خدا آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جو خالق آهي. اهو نہ ٿڪجي ٿو، نڪي ساڻو ٿو ٿئي. هن جي حڪمت سمجھڻ کان ٻاهر آهي.


جهڙيءَ طرح هوا کي جيڏانهن وڻي ٿو تيڏانهن گھُلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح جيڪو پاڪ روح مان پيدا ٿيو آهي سو بہ ائين ئي آهي.“


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ