Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 11:10 - Muslim Sindhi Bible

10 نوجوانيءَ توڙي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ڏک ۽ پريشانيون اچي سگھن ٿيون. تن جي ڪري اوهين منجھي نہ پئو، ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تنهن ڪري پنهنجي دل مان ڏک ڪڍي ڇڏ، ۽ پنهنجي جسم مان بڇڙائي ڪڍي ڦٽي ڪر: ڇالاءِ جو جوانيءَ ۽ حياتيءَ جو ڦوهہ بيهودگي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 11:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بي‌وقوف ماڻهن جو انهن ڳالهين کي سمجھڻ ايترو ئي ناممڪن آهي، جيترو ڪنهن جھنگلي جانور جو گھريلو جانور کي ڄڻڻ.“


واہ جو انصاف ٿو ڪرين، منهنجي نوجوانيءَ جا قصور مون تي موٽائي ٿو آڻين، ۽ انهن جي ڪري منهنجي نصيب ۾ سخت ڳالهيون ٿو لکين!


جيتوڻيڪ انهن شريرن جو بدن اڃا جوان ۽ مضبوط هوندو، تنهن هوندي بہ هو جلد ئي وڃي مٽيءَ سان مٽي ٿيندا.


تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.


اي خداوند! ڏس، تو منهنجي عمر رڳو گھڙيءَ، بلڪ هڪڙي پلڪ جيتري ڪئي آهي. هائو، تنهنجي آڏو منهنجي حياتي ڪين جهڙي آهي، بلڪ هر انسان جي زندگي تو رڳو ٻاڦ مثل ڪئي آهي.


بيشڪ هر انسان پاڇي وانگر گم ٿيو وڃي. هو جيڪا بہ جاکوڙ ڪري ٿو سا بلڪل بي‌فائدي آهي. هو مال پٺيان مال تہ گڏ ڪندو ٿو رهي، پر اها خبر ڪين اٿس تہ اهو ڪنهن جي ملڪيت ٿيندو.


هر ٻار شروع ۾ ناسمجھہ هوندو آهي، مگر سيکت ئي ٻار کي سمجھدار بڻايو ڇڏي.


مون انهن سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو، جيڪي ڌرتيءَ تي ڪيا ٿا وڃن، پر ڇا ڏسان تہ اهو سڀ ڪجھہ راز ئي راز آهي، ۽ انهيءَ راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


هو دانائيءَ واريون ڳالهيون ڪندي چوي ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.


انهيءَ کان اڳ جو اوهان تي ڏکيو وقت اچي پوي ۽ موت جا ڏينهن ويجھا اچي وڃن، اوهين جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خالق کي ياد ڪندا رهو. پوءِ اوهين ائين نہ چوندا تہ ”هاڻي اسان لاءِ ڪابہ خوشي نہ رهي آهي.“


اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، ايمان، محبت ۽ سلامتيءَ جو طلبگار ٿيءُ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ