Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:15 - Muslim Sindhi Bible

15 بي‌عقل ماڻهو اجائي محنت ڪندي ڪندي ٿڪجي ٿا پون، ايتري تائين جو هو پنهنجي گھر جو رستو بہ ڀلجي ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 بي عقل جو پورهيو سڀ ڪنهن کي بيزار ڪيو ڇڏي، ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ آهي تہ ڪيئن شهر ۾ وڃجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان مان ڪي ويران بيابان ۾ پئي رُليا، جتان کين رهڻ لاءِ ڪنهن شهر جو رستو بہ ڪونہ پئي مليو.


هو انهن کي سڌيءَ راهہ سان وٺي آيو، ۽ آڻي کين شهر ۾ پهچايائين.


جيڪڏهن ڪهاڙو مڏو آهي، ۽ انهيءَ کي لائي تکو نہ ٿو ڪيو وڃي، تہ انهيءَ سان محنت وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو آهي، تہ اهو ڄاڻي ٿو تہ کيس ڇا ڪرڻ گھرجي.


بي‌عقل ماڻهو آئيندي جي باري ۾ گھڻو ٿو ڳالهائي. پر ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. هائو، ڪوبہ اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


اها قوم ڪيڏي نہ مصيبت ۾ آهي، جنهن جو حڪمران غلاميءَ مان بادشاهہ بڻيو هجي! ۽ جنهن جا اڳواڻ سڄو ڏينهن پيا کائيندا پيئندا وتن.


بي‌عقل ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي طريقن مان ئي سندن بي‌وقوفي ظاهر ٿئي ٿي. هائو، کين ڏسي آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ اهي بي‌عقل آهن.


جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي، تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو، ۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.


سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي. نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي. هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن، جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن.


پوءِ اهي سڀيئي مظلوم انهن تي ٺٺوليون ڪندا ۽ نفرت وچان ملامت ڪري هيئن بہ چوندن تہ ”ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پرائو مال ميڙي مالدار ٿا بڻجن، ۽ جيڪي گروي ٿيل سامان رکي گھر ڀرين ٿا. پر ائين آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ