Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 10:13 - Muslim Sindhi Bible

13 بي‌عقل ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ شروع کان آخر تائين بي‌وقوفيءَ سان ڀريل آهي، ۽ آخرڪار انهيءَ بڪواس جي ڪري سندس چريائپ ظاهر ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هن جي وات جي ڳالهين جي شروعات بي عقلي آهي: ۽ هن جي گفتگو جي پڇاڙي نقصان جهڙي چريائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 10:13
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بني اسرائيل جي اتر وارن قبيلن جا سمورا ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ”ڇو اسان جا قوم وارا، بني يهوداہ جا ماڻهو اوهان کي لڪ چوريءَ وٺي آيا آهن؟ هو ڇو بادشاهہ کي سندس گھراڻي ۽ سندس سڀني ماڻهن سميت اردن درياءُ پار ٽپائي وٺي آيا آهن؟“


بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ٿو ڪري تہ پوءِ آءٌ ڪيئن تنهنجي واهر ڪري سگھندس؟ مون وٽ ڪا ڪڻڪ يا مئي رکي آهي ڇا؟“


تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”جيڪڏهن اڄ اليشع ولد سافط جي سسي نہ لهرايان تہ خدا شل مون سان ائين ئي ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


عقلمند ماڻهو ڪوبہ ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪندا آهن، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي جهالت جو اشتهار بڻجيو وڃن.


جيڪڏهن ڪو عقلمند ڪنهن بي‌وقوف سان بحث ٿو ڪري، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کِلي، مگر کيس سڪون ڪونہ ملندو.


بي‌عقل ماڻهو آئيندي جي باري ۾ گھڻو ٿو ڳالهائي. پر ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. هائو، ڪوبہ اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


خدا آڏو ڪوبہ اٻهرائيءَ وارو واعدو نہ ڪريو. هائو، پنهنجي زبان کي ضرور ضابطي ۾ رکو. خدا عرش عظيم کان اوهان کي ڌرتيءَ تي ڏسي ٿو، تنهنڪري احتياط سان ڳالهايو.


تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بي‌عقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس.


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا.


تڏهن شريعت جا عالم ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


تنهن تي ڪي فريسي کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ جائز نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟“


تنهنڪري سردار ڪاهن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سِٽڻ لڳا،


چوٿين ڏينهن تي هنن سمسون جي زال کي چيو تہ ”پنهنجي مڙس کي ڌتاري اسان لاءِ انهيءَ ڳجھارت جو مطلب پڇيس، نہ تہ اسين تو کي ۽ تنهنجي پيءُ جي گھر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين. اوهان اسان کي هتي لٽڻ ڦرڻ لاءِ سڏايو آهي ڇا؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ