Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 1:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هن دنيا ۾ جيڪو ڏنگو آهي، تنهن کي اسين سڌو نہ ٿا ڪري سگھون. بلڪ جيڪي موجود ئي ناهي، تنهن جو شمار ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 جيڪي ڏنگو آهي سو سنئون ڪري نہ سگهبو: ۽ جيڪي موجود ناهي سو شمار ۾ آڻي نہ سگهبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 1:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاش! هو تو کي پنهنجي حڪمت جا راز کولي ٻڌائي، جيڪا انساني سمجھہ کان تمام گھڻي مٿاهين آهي. پوءِ تون ڄاڻي سگھندين تہ تنهنجي گناهن جي ڀيٽ ۾ خدا تو سان ڪيتري نرمي ڪئي آهي.


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خدا جيڪي بہ ڪري ٿو، سو هميشہ ٿيندو رهندو. انهيءَ ۾ ڪابہ گھٽ وڌائي ٿي نہ ٿي سگھي. خدا هي سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ ڪيو آهي تہ اسين انسان سندس تعظيم ڪندا رهون.


تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بي‌عقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس.


هر هڪ هيٺاهينءَ کي ڀري هڪ ڪرو ڪيو ويندو، هر هڪ جبل ۽ ٽڪريءَ کي ڀڃي هموار ڪيو ويندو. هائو، هر ڏنگيءَ شيءِ کي سڌو، ۽ هر کڏي کوٻي کي سنئون ڪيو ويندو.


ڇا ڪو حبشي پنهنجي کل جو رنگ بدلائي سگھي ٿو؟ يا ڪو چيتو پاڻ تان دٻڪن جا نشان مَٽائي سگھي ٿو؟ ساڳيءَ طرح تون بہ نيڪي ڪري نہ ٿي سگھين، جيڪا بڇڙائيءَ جي عادي آهين.


هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ