Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 مون انهن سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو، جيڪي ڌرتيءَ تي ڪيا ٿا وڃن، پر ڇا ڏسان تہ اهو سڀ ڪجھہ راز ئي راز آهي، ۽ انهيءَ راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 1:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.


پوءِ پنهنجي هٿن جي پورهئي سميت مون پنهنجي ڪيل سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو. تڏهن ڇا ڏٺم تہ ائين ڪرڻ سان بہ زندگيءَ جي راز کي نہ ٿو سمجھي سگھجي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. هائو، هن دنيا ۾ ڪنهن بہ ڪم يا تجربي ڪرڻ سان زندگيءَ جو اصل مقصد حاصل ٿي نہ ٿو سگھي.


هن دنيا ۾ جيڪو بہ ڪم ڪيو ٿو وڃي سو منهنجي نظر ۾ ڏک رسائيندڙ آهي. انهيءَ ڪري مون کي زندگيءَ کان نفرت ٿي ويئي آهي. انهيءَ سبب جو زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ڪجھہ انسان سان ٿي گذري ٿو سو ئي جانورن سان بہ ٿئي ٿو. ٻنهي سان هڪڙي ئي قسم جون ڳالهيون پيش اچن ٿيون. انسان بہ جانورن وانگر ساهہ کڻن ٿا ۽ مري ٿا وڃن. سو انسان حيوان کان وڌيڪ ناهي. بيشڪ اهو راز سمجھڻ ممڪن ناهي.


پر جيڪي بي‌شمار ماڻهو هن کان اڳ ۾ گذري ويا، يا وري ايندڙ پيڙهيون جيڪي هن کان پوءِ رهنديون، تن سڀني جي نظر ۾ هن جو ڪو قدر ڪونہ هوندو. يقيناً اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي ۽ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


شايد ائين هجي، پر هي بہ آهي تہ ”گھڻو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي سڄو وقت هڄائڻ کان بهتر آهي تہ اوترو ئي کڻي حاصل ڪجي، جنهن سان سڪون ملي.“ گھڻو هڄڻ بہ ائين ئي آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


هڪ چوڻي آهي تہ ”جيڪو هٿ ۾ موجود آهي، سو ڪنهن وڌيڪ شيءِ جي تمنا ڪرڻ کان بهتر آهي.“ پيٽ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان اطمينان نہ ٿو ملي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ آءٌ هن دنيا جي هر ڳالهہ کي پرکي ڏاهپ حاصل ڪريان، ايتري قدر جو ننڊ آرام ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات سوچيندو رهيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ