Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:29 - Muslim Sindhi Bible

29 نيٺ تہ اهي تنهنجي ئي قوم ۽ تنهنجي ئي ميراث آهن، جن کي تون پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان ڪڍي آيو آهين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 نيٺ بہ اهي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي ميراث آهن، جن کي تو پنهنجيءَ وڏي قدرت سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ڪڍي آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:29
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي، جنهن پنهنجي زبان سان منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، جو کيس چيو هئائين تہ


اهي بني اسرائيل تنهنجي قوم ۽ تنهنجي ئي تہ ميراث آهن جن کي تون اڳي مصر مان هڪ لوهہ جي بٺيءَ وچان ڪڍي آندو هو.


سو، اي خداوند! اهي تنهنجا ٻانها ۽ تنهنجي ئي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان ڇڏايو آهي.


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


تڏهن خداوند کي پنهنجي قوم تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ پنهنجي انهن چونڊيلن کان کيس نفرت ٿي ويئي.


هائو، پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان هو کين مصر مان ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.


تو پنهنجيءَ قدرت سان پنهنجي قوم، يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.


هو ئي تہ اسان جو خدا آهي. اسين سندس رڍن جي ڌڻ مثل آهيون، جن جي هو پنهنجي چراگاهہ ۾ سار سنڀال لهي ٿو. هاڻي اڄوڪي ڏينهن اوهين پنهنجو ڪن ڏيئي خدا جو هي پيغام ٻڌو تہ


هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،


سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“


هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين، ۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.


پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.


’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.


جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي، هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿ، هتان جلدي هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، سي کري خراب ٿيا آهن. جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن ۽ بت‌پرستيءَ واسطي پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت بڻائي اٿن.‘


مون خداوند کان دعا گھري تہ ’اي خداوند خدا! تنهنجي قوم جيڪا تنهنجي ئي ميراث آهي تنهن کي برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ عظمت سان ڇڏايو آهي، جنهن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ