Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:28 - Muslim Sindhi Bible

28 ائين نہ ٿئي جو جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ ”خداوند جنهن ملڪ جو ساڻن واعدو ڪيو هو تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگھيو ۽ جيئن تہ خداوند کي انهن کان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي ويو تہ بيابان ۾ انهن کي ماري ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ائين نہ ٿئي تہ جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ جنهن ملڪ جو خداوند انهن سان واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگهيو، ۽ خداوند کي انهن سان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي آيو تہ بيابان ۾ انهن کي قتل ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:28
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي وچ ۾ هو رهيا ٿي. انهن قومن جي آڏو مون پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي بني اسرائيل سان واعدو ڪيو هو تہ آءٌ کين مصر مان ڪڍي ايندس.


’خداوند پنهنجي قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي نہ سگھيو، جنهن جي ڏيڻ جو ساڻن واعدو ڪيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ئي ماري ڇڏيائين.‘


اوهين پنهنجن تنبن ۾ ويهي ڪرڪڻ لڳا تہ ’خداوند اسان کان نفرت ٿو ڪري، تنهنڪري ئي هو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، تان‌تہ اسان کي امورين جي هٿان گرفتار ڪرائي ۽ اهي اسان کي ماري ڇڏين.


پر پوءِ مون کي اهو انديشو ٿيو تہ متان سندن دشمن فخر ڪري انهيءَ کي ابتو سمجھن، جو ائين چوندا وتن تہ ”اسان انهن کي برباد ڪيو آهي، هي سڀ خداوند نہ بلڪ اسان ئي ڪيو آهي.“‘


پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر ۽ هن قوم جي هوڏ، شرارت ۽ گناهہ کي نہ ڏس.


ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ