Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:26 - Muslim Sindhi Bible

26 مون خداوند کان دعا گھري تہ ’اي خداوند خدا! تنهنجي قوم جيڪا تنهنجي ئي ميراث آهي تنهن کي برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ عظمت سان ڇڏايو آهي، جنهن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ مون خدا کان هيءَ دعا گهري، تہ اي خداوند خدا، تون پنهنجيءَ اُمت کي، يعني پنهنجيءَ ميراث کي، برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ قدرت سان ڇڏايو آهي، ۽ جنهن کي تون پنهنجي زوراور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:26
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


اهي بني اسرائيل تنهنجي قوم ۽ تنهنجي ئي تہ ميراث آهن جن کي تون اڳي مصر مان هڪ لوهہ جي بٺيءَ وچان ڪڍي آندو هو.


اي خداوند خدا! تو ئي هنن کي ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان چونڊي ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي تنهنجي ميراث ٿين، جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو جڏهن تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو هو.“


سو، اي خداوند! اهي تنهنجا ٻانها ۽ تنهنجي ئي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان ڇڏايو آهي.


تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي سي ائين چوندا رهو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان کي اوهان جي دشمنن هٿان ڇڏايو آهي.


اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


تو پنهنجيءَ قدرت سان پنهنجي قوم، يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.


پوءِ هنن ياد ڪندي چيو ٿي تہ ”خدا ئي اسان جو محافظ آهي، هائو، خدا تعاليٰ ئي اسان جو ڇڏائيندڙ آهي.“


موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.


جن کي تو ڇڏايو هو تن جي تو دائمي ٻاجھہ سان رهبري ڪئي، تو پنهنجي طاقت سان کين پنهنجي مقدس جاءِ اندر پهچايو.


سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“


هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“


اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي. اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو. اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ! اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.


تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين، ۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.


اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي. تون يروشلم شهر ۾ پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن.


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.


ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.


سو اي خداوند! تون پنهنجي قوم بني اسرائيل، جنهن کي تو ڇڏايو آهي تنهن جو هي ڪفارو قبول ڪر. بي‌گناهہ جو خون تون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ.‘ تڏهن ئي انهيءَ خون جي سزا کان کين معافي ملندي.


جڏهن تہ خداوند جو حصو سندس قوم ئي آهي، هائو، بني يعقوب ئي سندس ورثي جو ڀاڱو آهي.


پر خداوند جيئن تہ اوهان سان پيار ٿي ڪيو ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو سو پورو ڪرڻ ٿي چاهيائين، تنهنڪري هن پنهنجي زورآور هٿ سان اُتان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، جتي اوهين غلام هئا. هن اوهان کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي چنبي مان ڇڏايو.


پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿ، هتان جلدي هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، سي کري خراب ٿيا آهن. جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن ۽ بت‌پرستيءَ واسطي پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت بڻائي اٿن.‘


پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر ۽ هن قوم جي هوڏ، شرارت ۽ گناهہ کي نہ ڏس.


نيٺ تہ اهي تنهنجي ئي قوم ۽ تنهنجي ئي ميراث آهن، جن کي تون پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان ڪڍي آيو آهين.‘“


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


تڏهن سموئيل هڪڙو کير پياڪ گھيٽو وٺي اهو سڄو سارو بني اسرائيل جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيو ۽ بني اسرائيل جي لاءِ دعا گھريائين. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ