22 اوهان تبعيراہ، مساہ ۽ قبروتهتاواہ ۾ بہ خداوند کي ڪاوڙايو.
22 ۽ تبعيرہ ۽ مساہ ۾، ۽ قبروت هتاوہ ۾ بہ، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو.
پوءِ بہ هو خدا جي خلاف گناهہ ڪندا رهيا، ۽ بيابان ۾ خدا تعاليٰ جي آڏو سرڪشي ڪندا رهيا.
تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي پاڻي ڏي تہ پيئون.“ تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو؟ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟“
انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“
سو انهيءَ هنڌ جو نالو ”سَڌَ جون قبرون“ رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون جن گوشت جي اجائي سَڌَ ڪئي هئي.
پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوباندان کڻ، قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“
لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو اُوريم ۽ ٿُميم آهي، مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان اهي سچا نڪتا هئا، هائو، جڏهن مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.