Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اتي جا ماڻهو ڊگھا ۽ طاقتور يعني راڪاس جو اولاد آهن، جن کي اوهين ڄاڻو ٿا. انهن بابت اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ ’ڪير آهي جيڪو راڪاس جي اولاد جو مقابلو ڪري سگھي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اتي ماڻهو ڊگها ۽ زوراور آهن، ۽ عناقيم جو اولاد آهن، توکي انهن جي خبر آهي، ۽ انهن بابت ٻڌو اٿيئي تہ ڪير بني عناق جو مقابلو ڪري سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن خدا اچي تو کي قيد ڪري ڇڏي، ۽ تو کي گهلي عدالت ۾ آڻي تہ ڪير کيس روڪي ٿو سگھي؟


جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ ٻين سڀني مصرين وانگر سندن بدن تي بہ ڦرڙيون نڪتيون هيون.


ڪاهہ ڪري ايندڙ شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو، ڪوبہ انهيءَ جي سامهون بيهي نہ سگھندو. هو بني اسرائيل جي انهيءَ شانائتي ملڪ ۾ رهي پوندو ۽ انهيءَ کي تباهہ ڪرڻ جي سگھہ رکندو.


مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو.


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.


پر جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا سي ڏاڍا زورآور آهن ۽ انهن جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن. اسان اتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.


اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“


هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘


اهي ماڻهو بہ راڪاسن وانگر طاقتور، گھڻا ۽ قداور هئا. پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عمون پاڻ رهڻ لڳا.


هو انهن جي بادشاهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو. سو اوهين انهن جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندا. جيستائين اوهين انهن کي نابود نہ ڪندا تيستائين ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو.


انهيءَ ئي وقت يشوع هنن جابلو علائقن ۾ وڃي عناق جي راڪاس جهڙي اولاد کي سندن شهرن سميت ناس ڪري ڇڏيو: حبرون شهر، دبير شهر، عناب شهر، يهوداہ جو سمورو جابلو علائقو ۽ پڻ اسرائيل جو سمورو جابلو علائقو.


عناق جي اولاد مان ڪنهن کي بہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيئرو نہ ڇڏيو ويو، رڳو غزہ، جات ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.


ڪالب ٽن عناقي قبيلن يعني سيسي، اخيمان ۽ تلمي جيڪي عناق جو اولاد هئا، تن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ