Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:19 - Muslim Sindhi Bible

19 آءٌ خداوند جي انهيءَ ڪاوڙ ۽ سخت ناراضپي کان ڊنس ٿي جيڪو کيس اوهان تي هو، ڇو تہ هو اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ آءٌ خداوند جي ڪاوڙ ۽ ناراضپي کان ڊنس ٿي، ڇوتہ خداوند اوهان تي ڪاوڙيل هو، ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن ڀيري بہ خداوند منهنجي ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان کان علاوہ بني اسرائيل سينا جبل تي سون مان گابي جي هڪڙي مورتي پلٽي جوڙي، جنهن کي هنن سجدو ڪيو.


تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


سو خدا جڏهن اهو سڀ ڏٺو تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ پوءِ بني اسرائيل کان سخت نفرت ڪندي کين رد ڪري ڇڏيو.


موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.


تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ ائين بہ ڪندس جيئن تون چوين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي ۽ آءٌ تو کي نالي سان سڃاڻان ٿو.“


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ پوري قوم سان هڪ عهد ٻڌندس ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم جي اڳيان اهڙا معجزا ڏيکاريندس، جيڪي سڄي دنيا ۾ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪڏهن ڪونہ ڪيا ويا آهن. اوهان جي واسطي جيڪي هيبتناڪ ڪم آءٌ خداوند ڪندس، سي اهي سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون جن ۾ اوهين رهو ٿا.


تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون. موسيٰ خداوند کان دعا گھري ۽ باهہ وسامي ويئي.


موسيٰ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون جبل تي رهيس. هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ نہ چاهيائين.


جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو تہ خداوند اوهان تي ڪاوڙبو. هو آسمان کي بند ڪري ڇڏيندو، تہ جيئن نہ برسات پوي ۽ نہ ئي زمين ۾ پيداوار ٿئي. پوءِ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ ۾ جيڪو خداوند اوهان کي ڏئي ٿو، جلد ئي ناس ٿي ويندا.


خداوند هارون تي بہ ايترو تہ ڪاوڙيل هو جو کيس برباد ڪرڻ تي هو. پر مون انهيءَ وقت هارون لاءِ بہ دعا گھري.


سينا جبل وٽ تہ اوهان خداوند کي ايترو ڪاوڙايو، جو هو ناراض ٿي اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو.


اهو نظارو اهڙو تہ خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ خوف وچان ڏڪي رهيو آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ