Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:18 - Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ سبب جو جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري اوهان کيس ڪاوڙايو هو. سو اوهان جي انهيءَ وڏي گناهہ جي ڪري آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، مون نڪا ماني کاڌي، نڪي پاڻي پيتم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ آءٌ اڳئين وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي نڪي پاڻي پيتم؛ ڇالاءِ جو اوهان وڏو گناهہ ڪيو هو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيستائين ٻار بيمار هو تيستائين دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي منٿون ڪيون، روزا رکيا ۽ رات ڏينهن ڪمري اندر زمين تي ليٽندي ٻاڏائيندو رهيو.


سو هن اُٿي کاڌو ۽ پيتو. انهيءَ کاڌي جي طاقت سان هو چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون سفر ڪري خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


پوءِ عزرا خدا جي گھر وٽان روانو ٿيو ۽ يهوحانان ولد الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ رات رهيو. جيستائين هو اتي هو تيستائين نہ ڪجھہ کاڌائين ۽ نہ وري ڪجھہ پيتائين، ڇاڪاڻ تہ هن جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي گناهہ تي سوڳ پئي ڪيو.


تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


موسيٰ خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو، پر اتي نڪي ماني کاڌائين ۽ نہ پاڻي پيتائين. اتي هن ٻنهي تختين تي انهيءَ عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“


موسيٰ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون جبل تي رهيس. هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ نہ چاهيائين.


تڏهن مون اهي ٻئي تختيون پنهنجي هٿن مان کڻي اڇلايون ۽ اوهان جي اکين اڳيان اهي ڀڃي ڇڏيم.


تنهنڪري آءٌ اهي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، ڇو تہ خداوند فرمايو هو تہ هو اوهان کي برباد ڪندو.


جڏهن آءٌ پٿر جون تختيون، جن تي خداوند جو اوهان سان ٻڌل عهد لکيل هو، سي وٺڻ لاءِ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ