Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي اسرائيل ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن توکي يردن جي پار لنگهڻو آهي، انهي لاءِ تہ اهي قومون جي تو کان وڏيون ۽ زور واريون آهن، ۽ وڏا شهر جن جون ڀتيون آسمان تائين آهن، تن تي وڃي قبضي ڪرين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 9:1
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن چيو تہ ”اچو تہ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو منارو ٺاهيون جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي. اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون، متان پوءِ اسين سڄيءَ دنيا ۾ پري پري پکڙجي وڃون.“


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


ڏسندي ڏسندي اهو مضبوط ٿيندو ايترو تہ وڌندو ويو، جو ان جي چوٽي وڃي آسمان کي پهتي. پوءِ اهو پوري ڌرتيءَ تي سڀ ڪنهن هنڌ ڏسڻ ۾ ٿي آيو.


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.


”جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،


هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘


تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو. هائو، اوهين انهن قومن کي سندن ملڪ مان بيدخل ڪري ڇڏيندا، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن.


اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي وڃي قبضو ڪريو. سو اوهين انهيءَ تي قبضو ڪندا ۽ ان ۾ رهندا.


جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ جنهن جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي، تڏهن عيبال جبل تي اوهين وڏا وڏا پٿر کوڙي انهن کي چوني سان ليپو ڏيئي ڇڏجو. انهن پٿرن تي اوهين هن شريعت جون سموريون ڳالهيون لکي ڇڏجو.


انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.


انهيءَ لاءِ تہ اوهان کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي ۽ اوهان کي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي ۽ اهو ملڪ اوهان کي ورثي ۾ ڏئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ هو اوهان کي اهي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جيڪي اوهان نہ جوڙيا آهن.


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


”اوهين خيمي‌گاهہ جي وچان لنگھندي ماڻهن کي هي حڪم ڏيو تہ ’اوهين پنهنجي لاءِ سيڌو سامان تيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ٽن ڏينهن کان پوءِ اسين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هلنداسون جيڪو خداوند اسان کي ميراث ڪري ڏيڻ وارو آهي.‘“


جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“


تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جابلو علائقو ڏي جنهن جو خداوند انهيءَ ڏينهن مون سان واعدو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن توهان ٻڌو هو تہ اتي عناق جو راڪاس جهڙو اولاد رهي ٿو ۽ اتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن. خداوند منهنجي مدد ڪئي تہ پوءِ آءٌ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.“


سو جڏهن ماڻهو اردن درياءَ جي پار وڃڻ لاءِ منزل کڻي نڪتا تہ ڪاهن عهد واري صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلندا رهيا.


تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.


يشوع ڪاهنن کي چيو تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلو.“ سو هنن اها صندوق کنئي ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ لڳا.


انهن ماڻهن پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ اردن درياءُ پار ڪري، يريحو شهر جي اوڀر واري سرحد تي جِلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


کين چيائين تہ ”اوهين اردن درياءَ جي وچ ۾ واپس وڃو جتي ڪاهن عهد واري صندوق جھليو بيٺا آهن. بني اسرائيل جي قبيلن جي شمار مطابق اوهان مان هر ڪو ماڻهو اتان هڪڙو هڪڙو پٿر پنهنجي ڪلهي تي کڻي اچو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ