Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ ملڪ ۾ ڪڻڪ، جَوَ، انگور، انجير ۽ ڏاڙهون جا وڻ ٿا ٿين. ان ۾ زيتون جا وڻ ۽ ماکي ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 جنهن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ جوَ، ۽ انگور، ۽ انجير، ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ ٿا ٿين؛ جنهن ۾ تيل وارا زيتون ۽ ماکي ٿي ٿئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد جي انگورن جون عمديون وليون ايتريون تہ جھجھيون ٿينديون، جو اهي لاپرواهيءَ سان پنهنجا بکايل گڏهہ انهن ولين سان ٻڌي ڇڏيندا. بلڪ وٽن انگورن جي ڳاڙهي رس ايتري تہ جھجھي هوندي، جو اهي پنهنجو لباس انهيءَ سان ڌوئي ڇڏيندا.


اتي هو ڪڻڪ وٺڻ جي بهاني سندس گھر ۾ اندر گھڙي آيا. ان وقت اشبوست پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ستو پيو هو، تہ کيس ڌڪ هڻي ماري وڌائون. پوءِ سندس سسي لاهي، اها کڻي ٻيئي ڀائر اتان ڀڄي نڪتا. هو سڄي رات ميدان واري رستي پنڌ ڪندا رهيا.


سليمان حيرام بادشاهہ کي سندس محل جي لاءِ سيڌي سامان طور سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام ڪڻڪ ۽ چار لک چاليهہ هزار ليٽر زيتون جو نج تيل ڏياري موڪليو. انهيءَ طرح سال بسال سليمان حيرام ڏانهن سيڌو سامان موڪليندو رهيو.


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا. حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو.


هو تنهنجي سرحدن ۾ امن وَ سلامتي آڻي ٿو، ۽ عمدي ڪڻڪ سان تو کي ڀرپور ڪري ٿو.


پر اوهان کي آءٌ بهتر ۾ بهتر ڪڻڪ جي ماني کارايان، ۽ هوند اوهان کي ٽڪر واري عمدي ماکيءَ سان ڍءُ ڪرايان.“


جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن هر باغ ۾ جتي اڳ ۾ هڪ هزار انگورن جون وليون هيون ۽ جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هئي، اتي انهن ولين جي بجاءِ رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا.


مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.


هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“


يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن جا رهاڪو پڻ تو سان واپار ڪندا هئا. هو تنهنجي شين جي بدلي ۾ پنهنجي عمدي ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج، ماکي، زيتون جو تيل ۽ سرهاڻ تو وٽ آڻيندا هئا.


هن اهو بلڪل نہ ٿي مڃيو تہ آءٌ ئي اهو خدا آهيان، جنهن کيس اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل ڏنو، ۽ مون ئي کيس اهو جھجھو سون ۽ چاندي عطا ڪيو، جيڪو هن بعل ديوتا جي پوڄا تي خرچ ڪيو.


تڏهن هر ڪو ماڻهو بي‌خوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادر‌مطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.


جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو، جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو، ۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون، جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو، ۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،


پوءِ هو هڪڙي برساتي نهر وٽ آيا ۽ اتان انگورن جي هڪڙي ٽاري وڍيائون، جنهن ۾ انگورن جو هڪڙو ئي ڇڳو هو. اها ٽاري لٺ ۾ وجھي ٻہ ڄڻا کڻي هليا. هنن ڪجھہ ڏاڙهون ۽ انجير بہ پاڻ سان کنيا.


سو انهن اهي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا هئا سي ايترا تہ ٿيا جو ٻارهن کاريون ڀرجي ويون.


”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“


ملڪ جا مٿاهان علائقا بہ هن سندن قبضي ۾ ڏنا، ۽ زرخيز ٻنين جو ڦل کارايائين. هن ٽڪر منجھان ماکي ڪڍي کين چوسائي، ۽ چقمقي جبل منجھان زيتون جو تيل مهيا ڪري ڏنائين.


هن کين ڳئن جو مکڻ توڙي رڍن ٻڪرين جو جھجھو کير پيئاريو، ۽ ٿلها متارا ڍور ڍڳا توڙي ٻڪر گھٽا پڻ کارايائين. هن ڪڻڪ جي عمدي ميدي ۽ خالص مئي سان کين ڍءُ ڪرايو.


تنهنڪري اي بني اسرائيل! ٻڌو ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهيءَ ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.“


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هڪڙي اهڙي سرسبز ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ۾ پاڻيءَ جون نهرون، چشما ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جيڪي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن.


اهو اهڙو ملڪ آهي جتي اوهين پيٽ ڀري ماني کائيندا. اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي. اهو اهڙو ملڪ آهي جنهن جي پٿرن مان اوهين لوهہ ۽ ٽڪرين مان ٽامو کوٽي ڪڍي سگھندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ