Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:7 - Muslim Sindhi Bible

7 خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هڪڙي اهڙي سرسبز ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ۾ پاڻيءَ جون نهرون، چشما ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جيڪي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي هڪڙي چڱي ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ملڪ ۾ پاڻيءَ جون نهرون، ۽ چشما، ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد جي انگورن جون عمديون وليون ايتريون تہ جھجھيون ٿينديون، جو اهي لاپرواهيءَ سان پنهنجا بکايل گڏهہ انهن ولين سان ٻڌي ڇڏيندا. بلڪ وٽن انگورن جي ڳاڙهي رس ايتري تہ جھجھي هوندي، جو اهي پنهنجو لباس انهيءَ سان ڌوئي ڇڏيندا.


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا. حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو ائين چئي اوهان کي گمراهہ ٿو ڪري تہ اوهان جو خداوند اوهان کي ڇڏائيندو.


تون ئي جبلن منجھہ چشما جاري ڪرين ٿو، جيڪي وادين مان برساتي نهرون بڻجي نڪرن ٿا.


ان کان سواءِ هنن انهيءَ وڻندڙ ملڪ ڪنعان کي حقير ڄاتو، ۽ پنهنجي خداوند جي ڪيل واعدي تي ڀروسو نہ ڪيائون.


انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ئي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا.


ٻڌو، هاڻي آءٌ پنهنجي محبوب جو گيت ڳائيندس. هائو، آءٌ سندس انهيءَ محبت جو گيت ڳائيندس، جيڪا هن کي پنهنجي انگورن جي باغ سان آهي. هڪڙي زرخيز ٽڪريءَ تي منهنجي محبوب جو انگورن جو باغ هو.


مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.


پوءِ هن اسرائيل ملڪ مان ٻج بہ کنيو ۽ اهو آڻي جھجھي پاڻيءَ جي ڪناري واري زرخيز ٻنيءَ ۾ پوکيائين، تہ جيئن بيد جي وڻ وانگر


مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


سو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو، سندس واٽن تي هلندا رهجو ۽ سندس خوف ڪندا رهجو.


انهيءَ ملڪ ۾ ڪڻڪ، جَوَ، انگور، انجير ۽ ڏاڙهون جا وڻ ٿا ٿين. ان ۾ زيتون جا وڻ ۽ ماکي ٿي ٿئي.


جڏهن اوهين اتي پهچندا تڏهن هڪڙي بي‌خوف وَ خطر قوم ڏسندا. سندن ملڪ ڪشادو آهي جيڪو خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي نہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ