Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:2
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


جڏهن بابل جي حڪمرانن ڏانهس پنهنجا ايلچي موڪليا تہ کانئس ان معجزي واري نشانيءَ بابت پڇي اچن جيڪا سندس ملڪ ۾ ظاهر ٿي هئي، تڏهن خدا هن کي سندس مرضيءَ تي ڇڏيو تہ جيئن کيس آزمائي ۽ ڏسي تہ سندس دل ۾ ڇا آهي.


هن مصيبت ۾ پوڻ کان پوءِ منسيءَ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي آڏو عاجزي ڪئي ۽ کانئس مدد گھريائين.


هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.


انهيءَ لاءِ تہ هو ماڻهن کي سندن بد ارادي کان روڪي، ۽ انسانذات کي مغروريءَ کان پري رکي.


آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، آءٌ هن جي ڪنهن بہ احسان کي نہ ٿو وساريان.


مصر ۾ اسان جي ابن ڏاڏن خدا جي عجيب ڪمن کي ڪين سمجھيو. هنن سندس رحمت جي گھڻائيءَ کي بلڪل وساري ڇڏيو هو، بلڪ خدا تعاليٰ جي خلاف ڳاڙهي سمنڊ تي فساد ڪيو هئائون.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پنهنجي قوم جو رهبر بڻيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


تنهن هوندي بہ اي خداوند! مون کي تنهنجا ڪم ياد آهن. هائو، مون کي تنهنجا قديم وقت وارا معجزا ياد آهن.


اوهان مون کي مصيبت ۾ پڪاريو، ۽ مون خدا اوهان کي ڇڏائي ورتو. مون گجگوڙ واري لڪل پردي مان اوهان کي جواب ڏنو، پوءِ مون مريباہ جي چشمن وٽ اوهان کي آزمايو.


تنهن تي موسيٰ مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏايو. خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، جنهن کي هن پاڻيءَ ۾ وڌو تہ اهو مٺو ٿي پيو. اُتي خداوند هنن جي رهڻ لاءِ قاعدا قانون بڻايا ۽ اتي ئي کين آزمايائين.


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ اوهان سڀني لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس. ماڻهو هر روز ٻاهر نڪري، رڳو هڪڙي هڪڙي ڏينهن جو حصو گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي حڪمن تي هلن ٿا يا نہ.


موسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڊڄو نہ، خدا اوهان جي رڳو آزمائش وٺڻ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس خوف رکندي گناهہ نہ ڪريو.“


سون ۽ چانديءَ کي تہ باهہ جي وسيلي پرکجي ٿو، مگر انساني دلين کي پرکڻ وارو خداوند ئي آهي.


ماڻهن جو هٺ ڀڳو ويندو. هائو، انسان جي غرور کي ناس ڪيو ويندو، ۽ سڀ جو سڀ بت بلڪل نابود ڪيا ويندا. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. سو اوهين منهنجي ئي قاعدن قانونن تي هلو ۽ منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪريو.


اوهان جا ٻار چاليهن سالن تائين هن بيابان ۾ پنهنجي رڍن ٻڪرين سان پيا رلندا. هو اوهان جي بي‌اعتقاديءَ جو ڪيتو پيا لوڙيندا، جيستائين اوهين سڀ مري کپي وڃو.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي.


مصر مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ تي موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون جيڪي خداوند انهن بابت موسيٰ کي فرمايون هيون.


جيتوڻيڪ هن اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي، تان‌تہ اوهان کي خيمن کوڙڻ لاءِ جاءِ لهي ڏئي. هن رات جو باهہ سان ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي تہ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاري.“


تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.


مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘


آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون.


اوهين ماضيءَ کي ياد ڪريو ۽ اڳين پيڙهين تي غور ڪريو، پوءِ پنهنجي والدين کان پڇو تہ هو اوهان کي سمجھائين، هائو، پنهنجي بزرگن کان پڇو، جيڪي اوهان کي ماضيءَ جو احوال ڏين.


تڏهن بہ اوهين هنن کان نہ ڊڄجو، بلڪ اهو ياد ڪجو تہ خداوند اوهان جي خدا، فرعون ۽ سڀني مصرين سان ڇا ڇا ڪيو.


هن اوهان کي بيابان ۾ اها مَنَ کارائي، جنهن جي اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر بہ ڪانہ هئي. هن اوهان کي عاجز ڪري آزمايو، انهيءَ لاءِ تہ پڇاڙيءَ ۾ اوهان سان ڀلائي ڪري.


ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي ايمان جي پرک اوهان ۾ ثابت قدمي پيدا ڪري ٿي.


خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


آءٌ انهن جي ذريعي بني اسرائيل کي آزمائيندس ۽ ڏسندس تہ جهڙيءَ طرح سندن ابا ڏاڏا مون خداوند جي راهہ تي هلندا هئا تهڙيءَ طرح هي بہ انهيءَ تي هلن ٿا يا نہ.“


اهي بني اسرائيل جي آزمائش لاءِ ڇڏيا ويا هئا تہ جيئن خبر پوي تہ هو خداوند جا اهي حڪم مڃين ٿا يا نہ، جيڪي هن موسيٰ جي معرفت هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ