شريعت جو دور 8:19 - Muslim Sindhi Bible19 هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور نابود ڪيا ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا کي وساريندين، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندين، ۽ انهن جي عبادت ڪندين، ۽ انهن کي سجدو ڪندين، تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي برخلاف شاهدي ٿو ڏيان تہ اوهين ضرور نابود ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.