Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن تنهنجي دل مغرور ٿي پوي، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، جو توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:14
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي. پنهنجي انهيءَ هاڪ تي خوش ٿي گھر ۾ ئي ويهي رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“


جيڪو عهد هن اوهان سان ٻڌو آهي سو اصل نہ وسارجو.


پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


پر حزقياہ ڏاڍو مغرور ٿي پيو ۽ خداوند جي ڪيل احسانن جي شڪرگذاري نہ ڪيائين، جنهن ڪري مٿانئس ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي غضب نازل ٿيو.


هنن انهيءَ خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين بچايو هو، هائو، جنهن هنن کي مصر جي غلاميءَ مان ڇڏائڻ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا.


تڏهن ئي اهي پنهنجو ڀروسو خدا تي رکندا، ۽ سندس ڪمن کي نہ وساريندا، بلڪ سندس حڪمن تي عمل ڪندا رهندا.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


هو سمجھن ٿا تہ جيڪي خواب هو ٻين کي ٻڌائين ٿا تن جي وسيلي منهنجي قوم کان منهنجو نالو ئي وسارائي ڇڏيندا، بلڪل ائين جيئن سندن وڏن بعل ديوتا جي پوڄا ڪري منهنجو نالو وساري ڇڏيو هو.


انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي،


پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.


اهي ڦندڻ اوهان کي يادگيريءَ جو ڪم ڏيندا. جنهن بہ وقت اوهان جي نظر انهن تي پوندي تہ اوهان کي مون خداوند جا سڀ حڪم ياد ايندا ۽ اوهين انهن تي عمل ڪندا. پوءِ اوهين مون کان منهن موڙي پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان نہ ويندا.


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تان‌تہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


’آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو جتي اوهين غلام هئا.


هو اوهان کي سڀني چڱين شين سان ڀريل گھر، جيڪي اوهان نہ ڀريا آهن، اهي کوٽيل حوض، جيڪي اوهان نہ کوٽيا آهن، اُهي انگورن جا باغ ۽ زيتون جا وڻ، جيڪي اوهان نہ پوکيا آهن، سي ڏيندو. جڏهن اوهين اهي کائي ڍءُ ڪريو،


”اوهين خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ هن جا جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اڄ اوهان کي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪريو.


جڏهن اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون وڌن ۽ اوهان جي سون، چانديءَ ۽ سڄي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي،


بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ