Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 8:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اوهين کائي ڍءُ ڪندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ عطا ڪرڻ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيندو، تنهن لاءِ هن جي ساراهہ ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 8:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي قوم ڪير آهي جو اسين هيترو سارو نذرانو ڏيئي سگھون؟ هر ڪا شيءِ تو وٽان ئي ملي ٿي ۽ تو کان ئي مليل شين مان اسان تو کي ڏنو آهي.


آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، آءٌ هن جي ڪنهن بہ احسان کي نہ ٿو وساريان.


اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو.


ٻڌو، هاڻي آءٌ پنهنجي محبوب جو گيت ڳائيندس. هائو، آءٌ سندس انهيءَ محبت جو گيت ڳائيندس، جيڪا هن کي پنهنجي انگورن جي باغ سان آهي. هڪڙي زرخيز ٽڪريءَ تي منهنجي محبوب جو انگورن جو باغ هو.


پوءِ اوهين جھجھو کائيندا پيئندا ۽ ڍءُ ڪري مون خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندا، جنهن اوهان تي هيڏيون ساريون مهربانيون ڪيون آهن. هاڻي اي منهنجي قوم! اڳتي اوهين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.


هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.


ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي خداوند عيسيٰ جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي ماني کارائي ويئي هئي.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو خداوند عيسيٰ جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا.


اهو اهڙو ملڪ آهي جتي اوهين پيٽ ڀري ماني کائيندا. اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي. اهو اهڙو ملڪ آهي جنهن جي پٿرن مان اوهين لوهہ ۽ ٽڪرين مان ٽامو کوٽي ڪڍي سگھندا.


هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ