Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:6
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجو ٻانهو تنهنجي ئي چونڊيل قوم مان آهيان، جيڪا ايڏي تہ وڏي قوم آهي جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.


هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“


هن يهوداہ علائقي ۾ پنهنجو مقدس تخت قائم ڪيو، تہ جيئن اتان پوري اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪري.


بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.


هو فرمائي ٿو تہ ”منهنجي وفادار بندن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، جن قرباني پيش ڪندي مون سان پنهنجو عهد ٻڌو آهي.“


آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


پر اي منهنجا ٻانها بني اسرائيل وارؤ! هائو، اي منهنجا چونڊيل بني يعقوب وارؤ! اوهين منهنجي دوست ابراهيم جي نسل مان آهيو.


مون اوهان کي ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هٿ ڪري آندو. هائو، مون اوهان کي دنيا جي ڏورانهن ڪنارن کان گھرايو، ۽ چيم تہ اوهين منهنجا ٻانها آهيو. مون اوهان کي پسند ڪيو آهي ۽ وساريو نہ اٿم.


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.


اي بني اسرائيل! ان وقت اوهين منهنجا ئي هئا، اوهين منهنجي لاءِ ئي مخصوص، ۽ فصل جي پهرين پيداوار جيان هئا. مون انهن سڀني کي مصيبت ۽ ڏک ۾ وڌو، جيڪي اوهان کي ايذائيندا هئا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


انهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ گھڻو اڳي مون بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو هو. مون مصر ملڪ ۾ انهن تي پاڻ کي ظاهر ڪيو هو ۽ قسم کڻي ساڻن واعدو ڪيو هئم تہ آءٌ خداوند هنن جو ۽ سندن اولاد جو خدا هوندس.


پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان. مون اوهان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ جڏهن هو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهندا هئا، تڏهن انهن کي وڏي قوم بڻايائين. پوءِ خدا پنهنجي عظيم قوت سان انهن کي مصر مان ڪڍي آندو


اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي خدا پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ساڻن پنهنجا عهد ٻڌائين ۽ کين شريعت عطا ڪيائين. اهي ئي حقيقي عبادت ۽ سندس واعدن جا حقدار آهن.


ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. خداوند ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان اوهان کي پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.“


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“


اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي.


خداوند کي پنهنجي قوم سان محبت آهي، ۽ اهي چونڊيل ماڻهو سندس حفاظت منجھہ آهن. اهي سڀيئي هن جي تابعداري ڪندي سندس هدايتن تي هلن ٿا.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


جيئن تہ هن کي اوهان جي ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو. هو پنهنجي وڏيءَ قدرت سان اوهان کي مصر مان پاڻ ئي ڪڍي آيو،


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


يا هي ڏسو تہ خدا پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌دينن جي دنيا تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي منادي ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين.


انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ