Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اوهين انهن مان شاديون نہ ڪجو، نہ پنهنجيون ڌيئر هنن جي پٽن کي ڏجو، نڪي هنن جون ڌيئر پنهنجن پٽن لاءِ وٺجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تون انهن سان مائٽي نہ ڳنڍج؛ تون پنهنجي ڌيءَ هنن جي پٽ کي نہ ڏج، نڪي هن جي ڌيءَ پنهنجي پٽ لاءِ وٺج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.


اهي انهن قومن جون عورتون هيون جن جي باري ۾ خداوند بني اسرائيل کي چيو هو تہ ”اوهين انهن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نہ تہ هو ضرور اوهان جون دليون پنهنجن معبودن ڏانهن ڦيرائينديون.“ تنهن هوندي بہ سليمان انهن جي عشق ۾ ڦاسي پيو.


يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.


تنهنڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان هي عهد ڪريون تہ اسين اهي سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي سو تو اسان جي آقا ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪمن کان ڊڄن ٿا تن جي صلاح سان ڪڍي ڇڏيون. اهو سمورو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


تنهنڪري اوهين هنن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نڪي سندن سلامتيءَ ۽ سربلندي لاءِ سندن مدد ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مضبوط بڻجو، انهيءَ ملڪ جي سٺي پيداوار کائو ۽ اُهو ملڪ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري ڇڏي وڃو.‘


اسين هن ملڪ جي آس‌پاس وارين قومن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪنداسون.


تڏهن سندس ماءُ پيءُ کيس چيو تہ ”تنهنجي مائٽن ۾ يا پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪا عورت ڪانهي ڇا، جو تون اڻ‌طهريل فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟“ پر سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”مون کي اها وٺي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اها مون کي پسند آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ