شريعت جو دور 7:2 - Muslim Sindhi Bible2 پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 ۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بنهدد اخياب کي چيو تہ ”جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان کسيا هئا سي آءٌ اوهان کي موٽائي ڏيندس ۽ پوءِ توهين ڀلي دمشق شهر ۾ واپار لاءِ بازاريون ٺهرايو جيئن منهنجي پيءُ سامريہ شهر ۾ ٺهرايون هيون.“ تڏهن اخياب کيس چيو تہ ”انهن شرطن تي آءٌ تو کي ڇڏي ڏيندس.“ سو بنهدد اخياب سان اهو معاهدو ڪيو، پوءِ اخياب کيس موڪل ڏني.
هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.