شريعت جو دور 7:15 - Muslim Sindhi Bible15 خداوند هر قسم جي بيماري اوهان کان دور ڪندو. مصر جا اُهي سڀ خوفناڪ مرض جن جي اوهان کي خبر آهي، تن مان ڪوبہ مرض هو اوهان تي ڪين موڪليندو، بلڪ انهن کي اوهان جي دشمنن تي موڪليندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 ۽ خداوند سڀڪا بيماري اوهان مان ڪڍي ڇڏيندو؛ ۽ مصر جا خراب مرض جن جي توکي خبر آهي، تن مان ڪوبہ تو تي ڪين موڪليندو، پر اهي هو انهن سڀني تي موڪليندو، جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“