Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنڪري جيڪي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا آءٌ اڄ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندو رهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.


ڏسو، مون اُهي قاعدا قانون جن جو خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي، سي اوهان کي سيکاري ڇڏيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ وڃو تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو.


جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي.


”تنهنڪري جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن کي مڃي مٿن عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان جو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ لافاني شفقت اوهان سان قائم رکندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


”اوهين خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ هن جا جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اڄ اوهان کي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ