Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن، تن کي سندن ڏسندي بدلو ٿو ڏئي، ۽ برباد ٿو ڪري: جيڪو هن سان دشمني ٿو رکي، تنهن کي هن جي ڏسندي بدلي ڏيڻ ۾ دير نٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


آءٌ هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪرڻ وارو آهيان. بيشڪ آءٌ بڇڙائيءَ، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهيان، پر ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. آءٌ ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندس.“


هاڻ جڏهن تہ سچار کي بہ هن دنيا ۾ ئي بدلو ڏنو ٿو وڃي، تہ پوءِ بدڪار ۽ گنهگار هن دنيا ۾ جوڳي سزا کان ڪيئن ٿا بچي سگھن؟


پوءِ جيڪو جيتري سزا جو مستحق هوندو، تنهن کي بدلي ۾ خداوند اوتري ئي سزا ڏيندو. هائو، پنهنجي مخالفن تي هو غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کان انتقام وٺندو، پوءِ اهي کڻي ڪيترو بہ پري ڇو نہ هجن.


تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“


’آءٌ خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ لافاني شفقت سان ڀرپور آهيان. آءٌ بڇڙائي ۽ بغاوت جو معاف ڪندڙ آهيان، تنهن هوندي بہ ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا آءٌ انهن جي اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان.‘


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا، ۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا، ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها. اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


جڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ تلوار تکي ڪندس، ۽ جڏهن پنهنجي هٿ ۾ عدالت جو ڪم کڻندس، تڏهن جيڪي منهنجا مخالف آهن تن کان آءٌ بدلو وٺندس، ۽ جيڪي مون سان ڪينو رکن ٿا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


تنهنڪري جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو.“


تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ