Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 7:1
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.


سليمان ڪنعان جي انهن بچي ويل ماڻهن جو اهو اولاد بيگر ۾ لڳايو، جن کي سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ وقت بني اسرائيل نہ ماريو هو. انهن ۾ حتي، اموري، فرزي، حوي ۽ يبوسي شامل هئا جن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين اتي غلاميءَ ۾ رهندو پيو اچي.


انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آس‌پاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.


انهن ئي ڏينهن ۾ مون ڪي يهودي ڏٺا جيڪي بني اشدود، بني عمون ۽ بني موآب جون عورتون پرڻجي آيا هئا.


هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.


تو پنهنجي وڏيءَ عظمت سان مخالفن کي برباد ڪيو، تو مٿن پنهنجو غضب نازل ڪيو، جنهن کين ائين ساڙي ڇڏيو جيئن بُهہ ساڙيو ويندو آهي.


آءٌ اوهان کان اڳ ۾ حوين، ڪنعانين ۽ حتين ۾ اهڙو ٽاڪوڙو وجھندس جو اهي اوهان جي اڳيان پنهنجو ملڪ ڇڏي ڀڄي نڪرندا.


اوهين انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهد نہ ڪريو.


انهن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نہ ڏيو. متان هو اوهان کان منهنجي خلاف گناهہ ڪرائين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا ڪندا تہ اهو اوهان جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.“


آءٌ اوهان جي اڳيان هڪڙو ملائڪ رهنمائيءَ لاءِ موڪليندس. آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي لوڌي ڪڍندس،


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندس جنهن بابت مون قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيندس. آءٌ اوهان کي اهو ملڪ ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.‘“


”جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيڻ وارو آهيان ۽ جڏهن اوهان جي انهيءَ ملڪ جي ڪنهن گھر ۾ آءٌ سينور جو مرض وجھان،


انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“


پر اوهان جا ٻار جن جي باري ۾ اوهان چيو ٿي تہ اهي لُٽ جو مال ٿي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس. اهي انهيءَ ملڪ جو قدر ڄاڻيندا جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي.


تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو.


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اوهين برڪت جو اعلان گرزيم جبل تان ۽ لعنت جو اعلان عيبال جبل تان ڪجو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


پر جن قومن جا شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏجو.


انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا.


سو هاڻي خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي اڳيان پار هلندو. هو انهن قومن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪندو ۽ اوهين انهن جي ملڪ تي قبضو ڪندا. خداوند جي فرمان مطابق يشوع اوهان جي اڳواڻي ڪندو.


انهيءَ لاءِ تہ اوهان کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي ۽ اوهان کي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي ۽ اهو ملڪ اوهان کي ورثي ۾ ڏئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهي حڪم ۽ قاعدا قانون هي آهن، جن تي اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪرڻو آهي جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو. اوهان کي انهن جي سيکارڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي،


جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ هو اوهان کي اهي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جيڪي اوهان نہ جوڙيا آهن.


ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جي سڀني دشمنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.


هو اسان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ بابت هن اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ اسان کي پهچائي ۽ اهو ملڪ اسان کي عطا ڪري.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.


تنهنڪري اوهين اڄوڪي ڏينهن ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪندڙ باهہ وانگر اوهان جي اڳيان ٿو هلي. هو انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. هو کين اوهان جي آڏو اهڙو تہ ماري مات ڪندو جو اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا ۽ جلد ئي کين نابود ڪري ڇڏيندا، جيئن خداوند اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


سو جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي، تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئجو تہ ’اسان جي سچائيءَ جي ڪري خداوند اسان کي هن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هتي آندو آهي.‘ بلڪ حقيقت ۾ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند کين ڀڄائي ٿو ڪڍي.


انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.


پوءِ اوهين اردن درياءُ پار ڪري يريحو شهر ۾ آيا. انهيءَ شهر جي ماڻهن کان علاوہ اموري، فرزي، ڪنعاني، حتي، جِرجاشي، حوي ۽ يبوسي قوم وارن پڻ اوهان سان جنگ ڪئي. پر مون اوهان کي انهن سڀني تي فتح ڏني.


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ