اي منهنجي قوم! تو پنهنجي دروازن ۽ چوڪاٺين جي پٺيان گندا بت کوڙي ڇڏيا آهن. هائو، اي بيوفا زال! تو مون کي ڇڏي ٻين معبودن جي اڳيان پاڻ کي اگھاڙو ڪيو آهي، ۽ پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي. پوءِ جڏهن تو کي پنهنجي يارن کان پري ڪيو ويو، تڏهن بہ تون هنن جي بسترن تي اگھاڙي ٿي سمهڻ لاءِ مشتاق رهينءَ.
تنهنڪري منهنجيون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو. اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجين ٻانهن تي ٻڌجو ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي ٽڪي وانگر هجن.