اي اوهين سڀ! جيڪي سچائيءَ واري رستي تي هلڻ ٿا چاهيو، ۽ جن منهنجي تعليم کي دل سان هنڊايو آهي، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو. اوهين ماڻهن جي ملامت کان نہ گھٻرايو، نڪي انهن جي طعنن کان ڊڄو،
اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.
اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.
تنهنڪري منهنجيون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو. اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجين ٻانهن تي ٻڌجو ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي ٽڪي وانگر هجن.
مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.