Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:5
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان پنهنجي پيءُ جي نصيحتن تي عمل ڪري خداوند سان محبت جو اظهار تہ ڪندو هو، پر مختلف هنڌن تي وڃي ساڙڻ لاءِ قربانيون پڻ پيش ڪندو هو.


هن کان اڳي ٻيو ڪوبہ بادشاهہ انهيءَ جهڙو ڪونہ ٿيو جيڪو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ۽ پنهنجي مڪمل طاقت سان، موسيٰ جي پوري شريعت موجب خداوند جو طالبو ٿيو هجي، نڪي هن کان پوءِ ئي ڪو هن جهڙو ٿيو.


هنن عهد ڪيو تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا طالبو ٿي رهندا.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد ڪيو تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي دل وَ جان سان مڃينداسين، يعني جيڪي عهد واريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي سندس حڪمن تي ٿا هلن، ۽ دل وَ جان سان سندس طالبو آهن.


اوهين سڀيئي جيڪي خداوند ۾ اميد رکو ٿا، سي بلڪل نہ گھٻرايو، بلڪ پنهنجيءَ دل کي همتايو.


جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘


تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ سمجھہ ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪر.‘


سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان‌گاهہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“


هن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“


”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو.


تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا،


تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف رکندي سندس راهہ تي هلجو. هائو، سندس حڪمن تي عمل ڪجو، سندس ڳالهہ ٻڌجو، سندس ئي عبادت ڪجو ۽ ساڻس ئي چُهٽيل رهجو.


تڏهن اوهين انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ٽي وڌيڪ شهر پنهنجي لاءِ ڌار ڪجو. انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا ميراث طور اوهان کي ڏيڻ وارو آهي تنهن ۾ بي‌گناهہ جو رت نہ وهايو وڃي ۽ اهو خون اوهان جي سر تي نہ پوي. خدا اوهان جي سرحد ضرور وڌائيندو پر شرط هي آهي تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکندا ۽ هميشہ سندس واٽن تي هلندا.


پر انهيءَ لاءِ شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندا، بلڪ پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جا طالبو رهندا.“


آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس واٽن تي هلو، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهو، پوءِ اوهين جيئرا رهندا، وڌندا ويندا ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو.


انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس فرمانبرداري ڪريو ۽ ساڻس چُهٽيل رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اوهان جي زندگي ۽ ان ملڪ ۾ اوهان جي عمر جي درازي آهي، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو.“


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.


پر خبرداريءَ سان شريعت جي انهن حڪمن تي عمل ڪجو جن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو، يعني تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، هن جي سڀني راهن تي هلجو، سندس حڪمن جي تعميل ڪجو، ساڻس چهٽيل رهجو ۽ دل وَ جان سان سندس عبادت ڪجو.“


خدا سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ