Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:24 - Muslim Sindhi Bible

24 سو خداوند اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين انهن سڀني قانونن تي عمل ڪريون ۽ خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي ۽ هو اسان کي اڄوڪي ڏينهن وانگر جيئرو رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ خداوند اسان کي حڪم ڏنو، تہ هنن سڀني قانونن تي عمل ڪريون، ۽ خداوند اسان جي خدا کان ڊڄندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي، ۽ هو اسان کي جيئرو رکي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند سندن حفاظت ڪندو ۽ حياتي بچائيندو. هو کين سندن ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندو، ۽ سندن دشمنن جي مرضيءَ تي کين هرگز نہ ڇڏيندو.


بيماريءَ جي وقت تي خداوند انهن جي سار لهندو. هائو، بيماريءَ جي بستري تي هو کين تندرستي بخشيندو.


هن اسان جي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي، هائو، هن اسان کي موت کان بچائي ورتو آهي.


موسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڊڄو نہ، خدا اوهان جي رڳو آزمائش وٺڻ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس خوف رکندي گناهہ نہ ڪريو.“


نماڻائيءَ ۽ خداوند جي فرمانبرداريءَ جو اجر دولت، عزت ۽ ڊگھي ڄمار آهي.


جيڪڏهن اوهين ڏاها آهيو تہ انهيءَ جو اوهان کي ئي فائدو رسندو. پر جيڪڏهن اوهين هٺيلا آهيو تہ انهيءَ مان نقصان بہ اوهان جو ئي ٿيندو.“


جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.


آءٌ کين وفادار دل عطا ڪندس تہ جيئن هو منهنجي سڌي رستي تي ئي هلن ۽ پنهنجي ڀلائيءَ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد جي ڀلائيءَ لاءِ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن.


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“


شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيئرو رهندو.“


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.


پر اوهين جيڪي خداوند پنهنجي خدا سان چُهٽيل رهيا، تن مان هر ڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.


هو اسان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ بابت هن اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ اسان کي پهچائي ۽ اهو ملڪ اسان کي عطا ڪري.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ تعداد ۾ وڌو ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ