Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:22 - Muslim Sindhi Bible

22 خداوند اسان جي اکين اڳيان مصرين، فرعون ۽ سندس سڄي حويليءَ جي خلاف وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڪري ڏيکاريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ خداوند اسان جي سامهون مصر تي، ۽ فرعون تي، ۽ هن جي سڄي خاندان تي، وڏا وڏا ۽ ڏکوئيندڙ ڪم، ۽ نشان ڪري ڏيکاريا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي مصر! تو منجھہ فرعون ۽ ان جي سڀني عملدارن تي هن ڪيڏا نہ وڏا معجزا ۽ عجيب ڪم ظاهر ڪيا.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو اڪيلو ئي وڏا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اوهين رڳو پنهنجي اکين سان ويٺا ڏسندا. هائو، اوهين ڏسجو تہ بدڪارن کي ڪهڙو بدلو ٿو ملي.


هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.


خداوند اوهان جو خدا، جيڪو اوهان جي رهنمائي ٿو ڪري سو پاڻ اوهان جي پاران ائين ئي جنگ ڪندو جيئن هن اوهان جي اکين اڳيان مصر ۾ ڪئي هئي.


انهيءَ وقت مون يشوع کي حڪم ڏيئي چيو تہ ’اوهان پنهنجين اکين سان اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو جيڪو خداوند اوهان جي خدا هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو. ساڳيءَ طرح خداوند پرينءَ ڀر بہ سڀني بادشاهتن سان ائين ئي ڪندو، جتي اوهين وڃو ٿا.


پعور واري بعل معبود جي واقعي ۾ جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. جيڪي ماڻهو انهيءَ معبود جي پٺيان لڳا، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’جڏهن اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


هو اسان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ بابت هن اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ اسان کي پهچائي ۽ اهو ملڪ اسان کي عطا ڪري.


اهي وڏيون وڏيون آزمائشون اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون. خداوند اوهان جي خدا هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي اوهان کي پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ٻاهر ڪڍي آيو. خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني قومن سان بہ ائين ئي ڪندو جن کان اوهين ڊڄو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ