شريعت جو دور 6:21 - Muslim Sindhi Bible21 تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’جڏهن اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 تڏهن تون پنهنجي پٽ کي چئج، تہ اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين؛ ۽ خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا، ۽ مون خداوند جا طالبو آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو، جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو. ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو. هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو، جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو. اهو پهريائين بياولاد هو، پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي، تڏهن منجھانئس بيشمار نسل پيدا ٿيو.
ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.