Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ايندڙ زماني ۾ جڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 جڏهن ايندڙ زماني ۾ تنهنجو پٽ تو کان پڇي، تہ هي شاهديون، ۽ قانون، ۽ فيصلا جي خداوند اسان جي خدا، اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا.


هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


پوءِ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ ’انهيءَ رسم مان اوهان جو ڪهڙو مقصد آهي؟‘


ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جو پٽ اوهان کان پڇي تہ ’هن رسم جو ڪهڙو مطلب آهي؟‘ تڏهن اوهين هن کي ٻڌائجو تہ ’خداوند اسان کي مصر ملڪ مان، جتي اسين غلام هئاسين، پنهنجي طاقتور هٿ سان ڪڍي ٻاهر آندو.


عيد جي ڏينهن اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي پٽ کي ٻڌائي تہ ’هي ڏينهن آءٌ انهيءَ ڪم جي يادگار لاءِ ملهائيندو آهيان جيڪو خداوند منهنجي لاءِ ان وقت ڪيو جڏهن آءٌ مصر مان نڪري رهيو هئس.‘


ننڍپڻ کان ئي سڌي رستي تي هلڻ سيکاريو وڃي، تہ اهي پوڙهائپ ۾ بہ انهيءَ رستي کان نہ ڦرندا.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جي سڀني دشمنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.


تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’جڏهن اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ