Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 6:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اوهين خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائجو، جيئن اوهان کيس مساہ ۾ آزمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اوهين خداوند پنهنجي خدا کي متان آزمايو، جيئن اوهان هن کي مساہ ۾ آزمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 6:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن بلڪل سوچي سمجھي خدا کي آزمايو هو، هائو، جڏهن انهن پنهنجي خواهش موجب کاڌو گھريو هو.


تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي پاڻي ڏي تہ پيئون.“ تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو؟ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟“


انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“


انهيءَ واقعي ۾ نڪرندڙ چشمي جو نالو مريباہ پئجي ويو. انهيءَ سبب جو ان هنڌ تي بني اسرائيل خداوند جي خلاف جھڳڙو ڪيو ۽ خداوند پاڻ کي منجھن پاڪ ثابت ڪيو.


تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“


پر عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“


نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو.


لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو اُوريم ۽ ٿُميم آهي، مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان اهي سچا نڪتا هئا، هائو، جڏهن مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ