7 مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.
7 مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.
آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو. اوهين مون کان رڳو گھري ڏسو، آءٌ اوهان کي هر نعمت عطا ڪري ڇڏيندس.
ٻُڌو، اوهان جي وچ ۾ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي، نڪي وري اوهين ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪريو.
مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.
تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو فرزند جي اهڙي نموني عزت ڪن جهڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪو فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري، جنهن کيس موڪليو آهي.
سو خبردار رهجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي ۽ اوهين گمراهہ ٿي غير معبودن جي پوڄا ڪريو ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو.
جيڪي قومون اوهان جي آسپاس رهنديون هونديون، تن جي معبودن جي پٺيان نہ لڳجو،
سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.