اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.
اُهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا. انهن ماڻهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند اسان منجھہ آهين ۽ تنهنجو ڪڪر اسان جي مٿان بيهي ٿو ۽ تون چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ بہ اچين ٿو. ان کان علاوہ اهو بہ تہ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي جي صورت ۾ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي جي صورت ۾ اسان جي اڳيان هلين ٿو.
”جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو هو، تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي هئي. تنهنڪري اوهين چڱيءَ طرح خبردار ٿجو،
اهي ئي ڳالهيون خداوند انهيءَ جبل وٽ باهہ، ڪڪر ۽ انڌوڪار جي وچ مان اوهان جي سڄيءَ قوم کي وڏي آواز سان ٻڌايون. انهيءَ کان سواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين چيو. اهي ئي ڳالهيون هن پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.“