Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:32 - Muslim Sindhi Bible

32 تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:32
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قاعدا قانون، شريعت ۽ حڪم جيڪي هن اوهان جي لاءِ لکيا آهن تن تي هميشہ وڏي خبرداريءَ سان عمل ڪجو. غير معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪجو.


جيڪو ملڪ مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان وري ڪڏهن بہ آءٌ بني اسرائيل کي نہ ٿيڙيندس، بشرطيڪ جيڪي حڪم مون کين ڏنا آهن ۽ جيڪا منهنجي شريعت منهنجي ٻانهي موسيٰ کين ڏني آهي تن تي هو عمل ڪندا رهن.“


هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. هو پنهنجي وڏي دائود جي سڀني رستن تي هليو، انهن کان ساڄي يا کاٻي بلڪل نہ لڙيو.


پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


اي خداوند قادرِمطلق خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين.


اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون.


کاٻي يا ساڄي پاسي نہ ڦرو متان ڀٽڪي نہ وڃو. هائو، پنهنجي پيرن کي بڇڙائيءَ واري رستي کان هميشہ جي لاءِ روڪي ڇڏجو.


هائو، جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي مڙڻ چاهيندا، تہ اوهان کي پنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ”سڌو رستو هي آهي، اوهين انهيءَ تي هلو.“


ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. سو اوهين منهنجي ئي قاعدن قانونن تي هلو ۽ منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪريو.


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


پوءِ اوهين انهن قاعدن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.“


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“


شريعت جي جيڪا ڳالهہ اهي اوهان کي سيکارين ۽ جيڪو فيصلو اوهان کي ٻڌائين، تنهن موجب عمل ڪجو. اُهي جيڪا بہ فتويٰ ڏين تنهن کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦرجو.


انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تان‌تہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“


اوهين ڪوڙهہ جهڙي مرض يا چمڙيءَ جي ٻين بيمارين کان خبردار رهجو. لاوي ڪاهن جيڪي اوهان کي سيکارين، انهن سڀني ڳالهين تي ضرور عمل ڪجو. جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين ڌيان ڏيئي ڪندا رهجو.


ان کان سواءِ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي يا کاٻي طرف ڦري اوهين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا نہ ڪندا.“


اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ۽ قاعدا قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي سختيءَ سان عمل ڪندا رهجو.


سو جيڪڏهن اسين سندس حڪم مطابق خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ سچائي ليکي ويندي.‘“


تنهنڪري اي بني اسرائيل! ٻڌو ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهيءَ ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ تعداد ۾ وڌو ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


تون رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿيءُ. ان سڄيءَ شريعت تي ڌيان سان عمل ڪر جيڪا مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ معرفت ڏني. انهيءَ کان ذرو بہ ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦر، تہ جيئن جيڏانهن بہ تون وڃين تيڏانهن ڪامياب ٿئين.


تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تنهن جي سڀني حڪمن تي خبرداريءَ ۽ گھڻي همت سان عمل ڪجو، انهيءَ کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ مڙجو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ