Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:27 - Muslim Sindhi Bible

27 اي موسيٰ! توهان ئي ويجھو وڃونس ۽ جيڪي ڪجھہ خداوند اسان جو خدا چوي سو ٻڌو. پوءِ موٽي اچي اسان کي ٻڌايو تہ هن ڇا چيو. اسين اهو ٻڌي انهيءَ تي عمل ڪنداسين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تون ويجهو وڃ، ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي چوي سو ٻڌ: ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي فرمائي، سو اسان کي ٻڌاءِ؛ ۽ اسين اهو ٻڌنداسين ۽ انهي تي عمل ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:27
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سان گڏ تون ڀلي هنن کي خدا جي حڪمن ۽ فيصلن جي باري ۾ سيکار. جنهن رستي تي کين هلڻ گھرجي ۽ جيڪو ڪم کين ڪرڻ گھرجي، سو سيکارين.


تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني تہ ”جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين.“ موسيٰ ماڻهن جو اهو جواب خداوند کي ٻڌائڻ ويو.


پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ ۽ نفيل جو آواز ٻڌو ۽ وڄ ۽ جبل تان دونهون اٿندي ڏٺو، تڏهن خوف کان ڏڪي ويا ۽ پري وڃي بيٺا.


هنن موسيٰ کي چيو تہ ”توهين اسان سان ڳالهايو تہ اسين ٻڌون، پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.“


تڏهن موسيٰ ماڻهن وٽ اچي کين خداوند جون سموريون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ٻڌايا. سڀني ماڻهن هم‌آواز ٿي جواب ڏنو تہ ”جيڪي بہ ڳالهيون خداوند فرمايون آهن، سي سڀ اسين مڃينداسين.“


تڏهن هنن مون کي چيو تہ ”خداوند اسان جو خدا اوهان جي معرفت جيڪو بہ حڪم اسان کي ڏيندو، جيڪڏهن اسين ان تي عمل نہ ڪريون تہ پوءِ سچو ۽ وفا ڪندڙ خداوند شل اسان جي خلاف ٿئي.


اهو اسان جي لاءِ ڀلو هجي يا برو، پر اسين خداوند اسان جي خدا، جنهن کان دعا گھرڻ لاءِ اسين اوهان کي عرض ڪري رهيا آهيون تنهن جي فرمانبرداري ڪنداسين، تان‌تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري ڪريون تہ اسان جو ڀلو ٿئي.“


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟


جڏهن خداوند اوهان جو اهو ڳالهائڻ ٻڌو، تڏهن مون کي چيائين تہ ’هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو سو مون ٻڌو آهي. هنن جو چوڻ درست آهي.


انهيءَ جبل تي توتاري جو شور ۽ خدا جي ڳالهائڻ جو اهڙو آواز هو، جنهن جي ٻڌڻ وارن يعني بني اسرائيل منٿ ڪئي تہ ساڻن وڌيڪ نہ ڳالهايو وڃي،


ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ سندس فرمانبرداري ڪنداسين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ