20 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.
20 تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.
پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.
اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.
”اوهين ڪوڙي خبر نہ پکيڙيو، نڪي ڪوڙي شاهدي ڏيئي بڇڙي ماڻهوءَ جا ساٿي ٿيو.
ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.
ڪوڙو شاهد سزا کان بچي نہ سگھندو. هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويندو.
ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندڙ شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جھيڙو وجھندڙ ماڻهو.
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رننزالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“
هن پڇيس تہ ”ڪهڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘