جڏهن خداوند بني اسرائيل سان عهد ٻڌو هو تڏهن کين خداوند جو حڪم ٻڌايو ويو هو تہ ”اوهان غير معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نہ انهن اڳيان سر نوائجو ۽ نہ انهن لاءِ قرباني پيش ڪجو.
هائو، انهن ڳالهين تي جن جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڏنو هو، جڏهن آءٌ کين لوهہ جي بٺيءَ مان يعني مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. مون کين چيو هو تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ منهنجي هر حڪم جي تعميل ڪن، تہ پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.
اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.
”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان يعني غلاميءَ واري جاءِ مان ٻاهر ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو. مون کين چيو هو تہ
هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي خداوند موآب جي ميدان ۾ بني اسرائيل سان عهد ٻڌڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايون. هي عهد انهيءَ عهد جو وڌيڪ حصو آهي، جيڪو هن سينا جبل وٽ بني اسرائيل سان ٻڌو هو.
هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا.
پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي سکو ۽ انهن تي ضرور عمل ڪريو.