17 اوهين خون نہ ڪريو.
17 تون خون نہ ڪر.
جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.
اوهين خون نہ ڪريو.
جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.
هن پڇيس تہ ”ڪهڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘
باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“
هائو، شريعت جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“
اهو انهيءَ ڪري جو جنهن چيو آهي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنهن هيئن بہ چيو آهي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏهن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو گنهگار ٿي چڪين.