Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ياد رکو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ مون خداوند اوهان جي خدا پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي اتان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري مون خداوند اوهان جي خدا سبت جي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اوهان کي حڪم ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تون ياد رک تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان توکي اتان ٻاهر ڪڍي آندو: تنهنڪري خداوند تنهنجي خدا سبت جي ڏينهن کي ياد رکڻ جو توکي حڪم ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 5:15
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


تنهن هوندي بہ لوط ڍرائي پئي ڪئي. پر جيئن تہ خداوند مٿس مهربان هو سو هنن لوط، سندس زال ۽ ٻنهي ڌيئرن کي هٿ کان وٺي کين شهر کان ٻاهر آندو.


اي خداوند! آءٌ تنهنجو ئي ٻانهو آهيان، هائو، تنهنجو ٻانهو يعني تنهنجي ٻانهيءَ جو ٻار آهيان. تو ئي منهنجي موت جا بند کوليا آهن.


هائو، پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان هو کين مصر مان ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جو پٽ اوهان کان پڇي تہ ’هن رسم جو ڪهڙو مطلب آهي؟‘ تڏهن اوهين هن کي ٻڌائجو تہ ’خداوند اسان کي مصر ملڪ مان، جتي اسين غلام هئاسين، پنهنجي طاقتور هٿ سان ڪڍي ٻاهر آندو.


تنهنڪري اها رسم ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.‘“


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


اها رسم توهان وٽ ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شريعت توهان جي زبان تي هجي. جيئن تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان توهان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي،


مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.


بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.


هاڻي اي پروردگار، اسان جا خدا! تو اسان پنهنجي قوم کي زورآور هٿ سان مصر ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ پنهنجو نالو قائم ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. پر اسان گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليا آهيون.


ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.


اهو ياد رکجو تہ اوهين پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا، تنهنڪري هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.“


خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڏهڪاءَ، هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن وسيلي اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.


’آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو جتي اوهين غلام هئا.


پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿ، هتان جلدي هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، سي کري خراب ٿيا آهن. جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن ۽ بت‌پرستيءَ واسطي پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت بڻائي اٿن.‘


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ