Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هن ڪري جو اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجھو هجي جهڙو خداوند اسان جو خدا، هر انهيءَ وقت اسان کي ويجھو آهي، جڏهن اسين کيس پڪاريون ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجهو هجي، جهڙو خداوند اسان جو خدا اسان جي دعا گهرڻ وقت اسان کي ويجهو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


خداوند انهن سڀني کي ويجھو آهي، جيڪي کانئس دعا گھرن ٿا، بشرطيڪ اهي کيس سچيءَ دل سان پڪارين.


هن ٻي ڪنهن بہ قوم کي اهڙيءَ نموني پنهنجي قاعدن قانونن کان آگاهہ ڪين ڪيو آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


هن پنهنجيءَ قوم کي مضبوط ڪيو آهي، تان‌تہ سندس اهي نيڪ بندا سندس ئي واکاڻ پيا ڪن، هائو، اهي سمورا بني اسرائيل جيڪي سندس پيارا آهن. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


جڏهن خداوند جا تابعدار کيس مدد لاءِ پڪارين ٿا، تڏهن هو سندن ٻڌي ٿو، ۽ سڀني تڪليفن کان کين ڇڏائي ٿو وٺي.


خداوند انهن کي ويجھو آهي جيڪي دل‌شڪستہ آهن، ۽ جن جا روح چيڀاٽيل آهن تن کي هو بچائي ٿو.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.


يقيناً جيڪي سندس خوف رکن ٿا، تن کي هو ڇڏائڻ وارو آهي، تان‌تہ سندس عظمت اسان جي ملڪ ۾ چمڪي.


جيئن تہ اوهان منهنجيءَ نظر ۾ بيحد قيمتي ۽ معزز آهيو، ۽ منهنجي اوهان سان محبت آهي، تنهنڪري آءٌ اوهان جي بدلي ۾ امتون، ۽ اوهان جي حياتيءَ جي عيوض قومون ڏيئي ٿو ڇڏيان.


سو خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو. هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


آءٌ بني اسرائيل کي جبلن جي چوٽيءَ تان ڏسان ٿو، هائو، ٽڪرين تان منهنجي مٿن نظر پوي ٿي. هيءَ اُها قوم آهي جيڪا اڪيلي رهي ٿي، ۽ ڄاڻي ٿي تہ هوءَ ٻين قومن کان بي مثال قوم آهي.


انهيءَ لاءِ تہ هو خدا جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


اي بني اسرائيل! اوهين ڪيڏا نہ سڀاڳا آهيو! اوهان جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، جنهن کي خداوند پاڻ بچايو هجي. اهو ئي ڍال جيان اوهان جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو ئي اوهان جي حشمت واري تلوار آهي. سو اوهان جا دشمن اوهان وٽ اچي پيش پوندا، ۽ اوهين ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي لتاڙي ناس ڪندا.“


”جڏهن کان خدا ڌرتيءَ تي انسان کي پيدا ڪيو تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو اوهان کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت اوهين پڇا ڪريو. ڪائنات جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين معلوم ڪريو تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟


خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ