Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:44 - Muslim Sindhi Bible

44 هيءَ اها شريعت آهي جيڪا موسيٰ بني اسرائيل جي اڳيان پيش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 ۽ جيڪا شريعت موسيٰ بني اسرائيل جي اڳيان پيش ڪئي، سا هيءَ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:44
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قاعدا قانون، شريعت ۽ حڪم جيڪي هن اوهان جي لاءِ لکيا آهن تن تي هميشہ وڏي خبرداريءَ سان عمل ڪجو. غير معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪجو.


اِهي ئي آهن اهي حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.


مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي شريعت يعني اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي سينا جبل تي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن لاءِ ڏنا هئا، تن سڀني تي اوهين عمل ڪريو.


اِهي آهن اُهي حڪم ۽ قانون جيڪي خداوند اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


سو اردن درياءَ جي اوڀر پاسي موآب جي ميدان ۾ موسيٰ خدا جي شريعت ۽ تعليم بيان ڪرڻ شروع ڪئي. موسيٰ چيو تہ


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم نہ ٿو رهي ۽ نہ مٿن عمل ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘“


ياد رکو، اوهين انهن کوڙيل پٿرن تي هن شريعت جون سڀيئي ڳالهيون صاف ۽ چٽيءَ طرح لکجو.“


خداوند جيڪا شريعت سينا جبل تي منهنجي معرفت کين ڏني، سا اسان بني يعقوب جي لاءِ هڪڙي ميراث آهي.


اهي شهر هي هئا: بني روبن جي لاءِ بصر شهر جيڪو بيابان جي وچ ۾ اوچي ميدان ۾ آهي، بني جد جي لاءِ رامات شهر جيڪو جِلعاد ۾ آهي ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان شهر جيڪو بسن ۾ آهي.


هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ کين ٻڌايا.


هاڻ جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي اتر ۾ حرمون جبل تائين هو ۽ اوڀر واري سڄي اردن ماٿري، جنهن تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو هو، تنهن جي ٻن بادشاهن کي بني اسرائيل شڪست ڏيئي سندن ملڪ هٿ ڪيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ