شريعت جو دور 4:39 - Muslim Sindhi Bible39 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين ڄاڻي وٺو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏيو تہ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible39 بس اڄ تون اهو ڄاڻي وٺ، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏ، تہ مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي: ٻيو ڪوبہ ڪونهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.
اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو. هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين، جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو، مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي، نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو، ۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.