Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 4:38 - Muslim Sindhi Bible

38 انهيءَ لاءِ تہ اوهان کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي ۽ اوهان کي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي ۽ اهو ملڪ اوهان کي ورثي ۾ ڏئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 انهي لاءِ تہ تو کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، ۽ توکي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي، ۽ اهو توکي ورثي ۾ ڏئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 4:38
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اهي اچي اسان کي انهيءَ جو بدلو اهو ٿا ڏين جو جيڪو ملڪ تو اسان کي ميراث ڪري ڏنو هو تنهن مان اسان کي ڪڍي ٻاهر ڪن.


تون ئي تہ اسان جو خدا آهين، جنهن هن ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو ۽ هي ملڪ پنهنجي دوست ابراهيم جي اولاد کي هميشہ جي لاءِ عطا ڪيو.


بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي سندن نسلن موجب ورثو ملي چڪو آهي ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ ورثو ملي چڪو آهي.


انهن اڍائي قبيلن کي يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي اورينءَ ڀر اوڀر طرف سندن ورثو ملي چڪو آهي.“


تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو. هائو، اوهين انهن قومن کي سندن ملڪ مان بيدخل ڪري ڇڏيندا، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ’ڏسو، آءٌ سيحون بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي توهان جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان. توهين انهيءَ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو، تہ جيئن توهين هن ملڪ جا وارث ٿيو.‘


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ