شريعت جو دور 4:37 - Muslim Sindhi Bible37 جيئن تہ هن کي اوهان جي ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو. هو پنهنجي وڏيءَ قدرت سان اوهان کي مصر مان پاڻ ئي ڪڍي آيو، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible37 ۽ جيئن تہ هن کي تنهنجن ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو، ۽ تنهنجو ساڻي ٿي، پنهنجيءَ وڏيءَ قدرت سان توکي مصر مان ڪڍي آندائين؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.
اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.